عمران خان جو چيف جسٽس کي اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان کي پاڪستان ۾ آئيني نظام جي تباهي جي عنوان سان هڪ ڊگهو خط لکي ڇڏيو.
عمران خان خط ۾ اپيل ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي سمورن اختيارن جو استعمال ڪندي ملڪ ۾ جاري ظلم ۽ ستم جو ازالو ڪرڻ ۽ عوام جي شڪايتن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ يا ان کان وڌيڪ ڪميشن قائم ڪري.
پي ٽي آءِ باني جي خط سان گڏ مختلف دستاويز به جوڙيا ويا آهن، 349 صفحن تي ٻڌل خط ۾ عمران خان چيو آهي ته گذريل 18 مهينن دوران سپريم ڪورٽ ۾ ڪيتريون ئي درخواستون داخل ڪيون، جيڪي ملڪ ۾ بنيادي انساني حقن ۽ چونڊ نظام جي ڀڃڪڙي بابت هيون.
خط ۾ چيو ويو آهي ته درخواستن ۾ سپريم ڪورٽ کي بنيادي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي، پاڪستان جي آئين سپريم ڪورٽ کي تماشائي بڻجڻ لاءِ اختيار ناهن ڏنا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.