جڳ مشهور گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ 67هين گريمي ايوارڊز تقريب جي ميزباني ڪندي، ريڪارڊ اڪيڊمي ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ٽيلر سوئفٽ 2 فيبروري تي ٿيندڙ 67هين گريمي ايوارڊز جي رنگ برنگي تقريب ۾ ”پريزنٽر“ جي روپ ۾ نظر ايندي.
واضح رهي ته ٽيلر جي 11هين البم The Tortured Poets Department کي به ان سال 6 ڪيٽيگرين ۾ نامزد ڪيو ويو آهي ۽ امڪاني طور هوءَ هن سال جي بهترين البم جو ايوارڊ کٽي سگهي ٿي.
جيڪڏهن هو پنجون ڀيرو اهو اعزاز ماڻي ٿي ته پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندي، جيڪو هن گذريل 10هين البم مڊنائٽس لاءِ گذريل سال گريمي ايوارڊ کٽي قائم ڪيو هو.
Next Post
You might also like