ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي اچي شادي ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ ڀارتي اداڪارا راکي ساونت جي دل ٽٽي پئي، پاڪستاني اداڪار ۽ بزنس مين دودي خان کيس پرپوز ڪرڻ کانپوءِ شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو.
دودي خان انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن واضح ڪيو ته مان راکي سان شادي نه ڪندس.
ان وڊيو تي ردعمل ڏيندي راکي ڪمينٽس ۾ ڳوڙهن ۽ ٽٽل دل وارا ايموجي ڇڏيا.
دودي خان پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي توهان منهنجي وڊيو ڏٺي هئي، جنهن ۾ مان راکي کي پرپوز ڪيو هو، مان پرپوز ان ڪري ڪيو ڇو ته راکي کي چڱي ريت سڃاڻان پيو، جڏهن کان مان کيس سڃاڻڻ شروع ڪيو ته مون کي لڳو هوءَ هڪ هستي آهي، جيڪا خدا سان پيار ڪندي آهي.
هن راکي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته کيس ڏاڍو پسند ڪندو آهيان، هن پنهنجي زندگي ۾ وڏن مسئلن کي منهن ڏنو آهي، راکي پنهنجي والدين کي وڃائي ڇڏيو، هڪ ڏکيو رشتو گذاريو، اسلام قبول ڪيو، عمري لاءِ وئي ۽ پنهنجو نالو به فاطمه رکيو، مون کي اهو سڀ ڪجهه پسند آيو، تنهن ڪري مان کيس پرپوز ڪيو پر مون کي لڳي ٿو ته ماڻهن لاءِ اهو قبولڻ جوڳو ناهي.
دودي خان چيو ته مون کي ڪيترائي پيغام ۽ وڊيوز وصول ٿيون آهن ۽ مان اهو برداشت نٿو ڪري سگهان، راکي جي! تون منهنجي سٺي دوست آهين ۽ رهندين پر ڪنوار نه بڻجي سگهنديس پر مان واعدو ٿو ڪيان ته پاڪستان جي نُنهن بڻجندين، تنهنجي شادي مان ڪنهن ٻئي سان ڪرائي ڇڏيندس.
دودي جي ان وڊيو تي سوشل ميڊيا واهپيدارن ردعمل ۾ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته توهان کي راکي جي جذبن سان کيڏڻ جي ضرورت محسوس ڇو ٿي.
هڪ واهپيدار لکيو ته توهان ماڻهن جي پرواهه ڪرڻ بنا شادي ڪري خوشگوار زندگي گذاريو ها، ڇو ته ماڻهو تنقيد ڪندا رهندا آهن، ٻئي واهپيدار لکيو ته توهان بنا سوچڻ سمجهڻ جي پرپوز ڪيو.
You might also like