اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن بابت اڄ رات اعلان ڪيو ويندو ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته تيل اگهن ۾ واڌ ٿيندي.
وفاقي حڪومت اڄ رات پيٽروليم شين جي نون اگهن جو اعلان ڪندي، اوگرا طرفان موڪليل سمري تي وزيراعظم جي مشاورت سان حتمي اعلان ڪيو ويندو.
پهرين فيبروري کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ تيل اگهن ۾ تبديلي جو اعلان ڪيو ويندو.
ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.
Prev Post
You might also like