نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فاسٽ بالر محمد سراج جون بگ باس 13 جي فائلنسٽ ماهرا شرما سان ويجهڙائي جون خبرون سامهون آيون آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ ليجنڊري گلوڪارا آشا ڀوسلي جي پوٽي زنئي ڀوسلي انسٽاگرام تي سراج کي ڀاءُ چئي مخاطب ڪيو هو، جنهن کانپوءِ سراج ۽ زنئي وچ ۾ رومانوي لاڳاپن جا افواهه دم ٽوڙي ويا هئا.
ڀارت ميڊيا موجب هاڻ سراج هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻيو آهي پر هن ڀيري سندس نالو ماهرا شرما سان جوڙيو پيو وڃي، جيڪا نه رڳو هڪ اداڪارا آهي پر بگ باس جي سپر هيٽ سيزن 13 جي فائنسلٽ رهي چڪي آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ماهرا ۽ سراج ۾ ويجهڙائي جون خبرون تڏهن کان سامهون آيون، جڏهن سراج اداڪارا جي ڪجهه تصويرن کي انسٽاگرام تي لائيڪ ڪيو.
اهو ئي نه پر ماهرا ۽ سراج هڪٻئي کي سوشل ميڊيا تي به فالو ڪيو آهي.
ماهرا ۽ سراج جي ويجهن ذريعن تصديق ڪئي آهي ته ٻئي هڪٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهن پر في الحال پنهنجي رشتي کي ڳجهو رکڻ چاهين ٿا.
You might also like