لاهور (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ٽڪيٽن جي آن لائن خريداري ۾ شوقين غير معمولي دلچپسي ڏيکاري رهيا آهن ۽ ٽن ميچون جون مڪمل ٽڪيٽون به وڪرو ٿي ويون.
پهرئين مرحلي ۾ 30 سيڪڙو ٽڪيٽون ان لائن وڪري لاءِ پيش ڪيون ويون، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ فزيڪل ٽڪيٽون 3 فيبروري کان وڪرو ٿينديون.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان موجب پاڪستان نيوزيلينڊ، آسٽريليا انگلينڊ ۽ پاڪستان بنگلاديش مقابلي جون سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون، اهي ٽئي ميچون ترتيب وار ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ٿينديون.
ترجمان چيو ته ٽڪيٽن جي وڪري تي عوامي ردعمل خوش ڪندڙ آهي، ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي ٽڪيٽن جو وڪرو شوقينن جي دلچسپي کي ظاهر ڪري ٿو.
Prev Post
Next Post
You might also like