ڪينسر جي شروعات ۾ ان جي سڃاڻپ توهان کي هن بيماري کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بهترين هٿيار آهي.
پر، اڪثر ڪيسن ۾ ڪينسر جون علامتون ظاهر ٿيڻ کان اڳ ان جي سڃاڻپ لڳ ڀڳ ناممڪن هوندي آهي.ان ڪري اهو ضروري آهي ته ڪينسر جي شروعاتي علامتن بابت ڄاڻ رکجي، ڇو ته توهان جي جسم ۾ ٿيندڙ تبديليون توهان کان بهتر ڪير به نه سمجهي سگهي ٿو.
جيڪڏهن توهان پنهنجي جسم ۾ ڪا نئين تبديلي محسوس ڪيو يا ڪا اهڙي ڳالهه جيڪا ڪيترن هفتن تائين جاري رهي، ته فوري طور تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو.ياد رهي ته هر علامت ڪينسر جي نشاني ناهي، پر هيٺ ڏنل نشانيون ڊاڪٽر سان صلاح مشوري جو اشارو ضرور ڏين ٿيون.
ٽوائلٽ جون عادتون بدلجڻ
جسم جي نيڪالي واري عمل ۾ ٿيندڙ ڪا به وڏي تبديلي، جهڙوڪ لڳاتار قبضي، دست، يا ڪاڪوس جو رنگ ڳاڙهو يا ڪارو ٿيڻ، وڏي پيماني تي پيشاب اچڻ، يا پيشاب ۾ رت ظاهر ٿيڻ، آنڊن يا مثاني جي ڪينسر جي علامت ٿي سگهي ٿو.
پيٽ جو ڦوڪجڻ
جيڪڏهن پيٽ ڦوڪجڻ جو مسئلو ٻن هفتن کان وڌيڪ برقرار رهي، ته اهو هاضمي واري نظام جي ڪينسر جي امڪان ڏي اشارو ڪري سگهي ٿو.
لڳاتار کنگهه
هڪ اهڙي کنگهه جيڪا ٻن هفتن کان وڌيڪ جاري رهي، خاص طور تي سڪل کنگهه، ته اها ڦڦڙن جي ڪينسر جي علامت ٿي سگهي ٿي.
لڳاتار مٿي جو سور
جيڪڏهن توهان جو مٿي جو سور ٻن هفتن کان وڌيڪ جاري رهي ۽ عام دوائن سان ختم نه ٿئي، ته اهو دماغي ڪينسر جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.
ڳڙڪڻ ۾ ڏکيائيون
کاڌي کي ڳڙڪڻ ۾ دير يا تڪليف، جيڪا ٻن هفتن کان وڌيڪ جاري رهي، اهو ڳلي، ڦڦڙن، يا معدي جي ڪينسر جو اشارو ٿي سگهي ٿو.
بار بار بخار يا انفيڪشن
لڳاتار بخار يا هڪ انفيڪشن کان پوءِ ٻئي انفيڪشن جو سامهون اچڻ مدافعتي نظام جي ڪمزوري ڏيکاري ٿو، جيڪو رت جي ڪينسر جي ڪري ٿي سگهي ٿو.
جسماني وزن ۾ بنا سبب گهٽتائي
جيڪڏهن بغير ڪنهن خاص ڪوشش جي وزن گهٽجي وڃي يا کاڌي جي خواهش ختم ٿي وڃي، ته اهو ڪينسر جي مختلف قسمن جو اشارو ٿي سگهي ٿو.
ڇاتي ۾ تبديليون
ڇاتي ۾ گلٽي ظاهر ٿيڻ، رنگ تبديل ٿيڻ، يا غيرمعمولي مادو نڪرڻ، بريسٽ ڪينسر جي علامت ٿي سگهي ٿو.
لڳاتار ٿڪاوٽ
جيڪڏهن توهان هر رات 8 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ باوجود ٿڪاوٽ محسوس ڪريو ۽ اها گهڻي وقت تائين جاري رهي، ته اهو رت يا هڏن جي ڪينسر جي ڪنهن قسم جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.
معدي ۾ تڪليف يا الٽي
جيڪڏهن معدي ۾ تڪليف ٻن هفتن کان وڌيڪ برقرار رهي، ته اهو جگر، لبلبي، يا هاضمي واري نظام جي ڪينسر جي نشاني ٿي سگهي ٿو.
چمڙي ۾ تبديليون
چمڙي جي ڍانچي يا رنگ ۾ ڪا به غيرمعمولي تبديلي چمڙي جي ڪينسر جي نشاني ٿي سگهي ٿي، جنهن کي ڊاڪٽر کان چيڪ ڪرائڻ گهرجي.