ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ قيادت ڪابينا ميمبرن کي ڪارڪردگي جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب سڀني صوبائي وزيرن کي پنهنجي پنهنجي کاتن ۾ ڪارڪردگي وڌيڪ تيز ۽ بهتر بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪارڪردگي جاچي ويندي، جڏهن ته سال مڪمل ٿيڻ تي ڪابينا ۾ ڪجهه تبديلين جو به امڪان آهي
ذريعن موجب ٻن سينيئرن ميمبرن کي ڪابينا ۾ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ جا امڪان به آهن، ڪارڪردگي جي بنياد تي موجوده ڪابينا ميمبرن کان قلمدان واپس به ورتو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير سان مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
Next Post
You might also like