ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد ٻڌايو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح 13 سيڪڙو مان گهٽائي 12 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي.
هن ٻڌايو ته معيشت هاڪاري رستي تي هلي رهي آهي، مهانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽيو آهي، مهانگائي مئي 2023 ۾ 38 سيڪڙو هئي، جيڪا گهٽجي 4.1 سيڪڙو رهي، جنوري ۾ مهانگائي وڌيڪ گهٽجندي.
سندس چوڻ هو ته ڪرنٽ اڪائونٽ کاتو مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ سرپلس رهيو، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رهڻ سان ناڻي ذخيرن ۾ واڌ ٿي.
جميل احمد چيو ته معاشي سرگرميون وڌي رهيون آهن، ناڻي مٽاسٽا ذخيرا مالي سال 2025 جي پڄاڻي تائين 13 ارب ڊالر هوندا، مالي سال 2025 ۾ جي ڊي پي اوسر 2.5 کان 3.5 سيڪڙو رهندي.