حڪيم حق تي آهن! ڏاچي جي کير جا وڏا فائدا!

اڄڪلهه پاڪستان ۾ ڏاچيءَ جي کير جو استعمال وڌي چڪو آهي ۽ ڏينهن ڏينهن وڌندو پيو وڃي، پر ڇا ان جي استعمال سان صحت کي فائدو ٿئي ٿو؟

ان سوال جو جواب آسٽريليا جي ايڊٿ ڪائون يونيورسٽي جي هڪ نئين تحقيق ۾ ڏنو ويو آهي.

تحقيق مطابق، ڏاچي جو کير صحت لاءِ ڪجهه اهم فائدا رکندو آهي، خاص طور تي جسم جي مدافعتي نظام لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي.

تحقيق ۾ ڳئون ۽ ڏاچي جي کير جي تفصيل سان ڀيٽ ڪئي وئي.

خاص طور تي انهن پروٽينز تي ڌيان ڏنو ويو جيڪي مدافعتي نظام ۽ هاضمي واري نظام تي اثر انداز ٿين ٿا.

تحقيق مان خبر پئي ته ڏاچي جي کير ۾ ڪجهه خاص پروٽينز موجود آهن جيڪي معدي جي صحت ۽ مدافعتي افعال کي مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.

تحقيق موجب ڳئون جي کير ۾ 851 پروٽينز آهن، جڏهن ته ڏاچي جي کير ۾ 1143 پروٽينز موجود آهن.

ڏاچي جي کير ۾ موجود پروٽينز مدافعتي صحت کي سپورٽ ڏين ٿا ۽ نقصانڪار بيڪٽيريا سان جنگ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا، جنهن سان ڪجهه بيمارين کان بچاءُ حاصل ٿئي ٿو.

پر محققن چيو ته ان نتيجي جي تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

تحقيق ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته ڏاچي جي کير ۾ موجود جزا معدي ۾ صحتمند ماحول ٺاھڻ ۾ مدد ڪندا آهن ۽ دل جي رڳن جي بيمارين، جن ۾ دل جي دوري جو خطرو شامل آهي، ڏاچي جي کير سان اهو خطرو گهٽجي ويندو آهي.

تحقيق مطابق، جن ماڻهن کي ڳئون جي کير کان الرجي آهي، انهن لاءِ ڏاچي جو کير فائديمند ثابت ٿيندو آهي، ڇو ته ان ۾ اهو پروٽين موجود ناهي جيڪو الرجي جي ردعمل کي متحرڪ ڪري..

ان کانسواءِ، ڏاچي جي کير ۾ ڳئون جي کير جي مقابلي ۾ ليڪٽوز (کير ۾ موجود مٺاڻ) گهٽ هوندو آهي، جنهن سبب گهڻن ماڻهن لاءِ ان کي هضم ڪرڻ سولو هوندو آهي.

تحقيق جا نتيجا "جرنل فوڊ ڪيمسٽري” ۾ ڇپيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.