اسرائيلي آرمي چيف استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) حماس جي حملي ۾ سيڪيورٽي جي ناڪامين جو حوالو ڏيندي اسرائيلي آرمي چيف استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ليفٽيننٽ جنرل هرزي حلوي جي استعفيٰ تازو غزا ۾ حماس سان مرحلي وار جنگبندي کانپوءِ سامهون آئي آهي.
غزا ۾ 15 مهينن جي جنگ دوران اسرائيلي فوج جي ڪمان ڪندڙ ليفٽيننٽ جنرل هرزي حلوي چيو ته هو 7 آڪٽوبر 2023 ۾ حماس طرفان ڪيل حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي.
هن پنهنجي خط ۾ چيو ته استعيفيٰ جو فيصلو گهڻو اڳ ڪري ڇڏيو هو، وڃڻ جو هي مناسب وقت آهي، فوج اسرائيل جي مزاحمت ۽ طاقت کي ٻيهر اڀاريو آهي، اهو به غزا ۾ حماس سان جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي جي معاهدي سان گڏ.
سندس چوڻ هو ته اها خوفناڪ ناڪامي جي منهنجي ذميواري هر ڪلاڪ، هر ڏينهن ۽ سڄي زندگي مون سان گڏ آهي.
واضح رهي ته اسرائيلي آرمي چيف جنوري 2023 ۾ ٽن سالن جو مدو شروع ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.