اسلام آباد (عمران شفقت) ملڪ اندر پي ٽي آئي جي چيلهه ڀڄي پئي آهي ذريعن موجب پاڪ فوج جي هڪ حاضر سروس برگيڊيئر جنرل جو انهن سان ڳٺ جوڙ آهي جيڪو معلومات ليڪ ڪندو رهي ٿو. ۽ کين خبر ڏئي ٿو ته ڪورڪمانڊر ڪانفرنس ۾ هي هي ڳالهيون ٿيون وغيره. جنهن کان پوءِ اها معلومات لنڊن ۾ هڪ ميجرسميت ٻين ماڻهن تائين ڦهلائي وڃي ٿي. ميجر سميت مهدي وغيره جا بيچ ميٽ به ان ۾ هوندا. اهو برگيڊيئر هن وقت ايس اين آر جي عهدي تي مقرر آهي ۽ سينٽرل ڪمانڊ نيٽو الائي فورسز جي مرڪز تي اهو برگيڊيئر مقرر ٿيل آهي. ان کان اڳ شهباز گل چئي چڪو آهي ته برگيڊيئر سطح جا آفيسر ته اسان سان گڏ آهن. عمران به ساڳيون ڳالهيون ڪري چڪو آهي ته فوج اندر منهنجا ماڻهو موجود آهن هن برگيڊيئر خلاف ڪرپشن جي جاچ به ٿئي هئي ته گاڏي 6 هزار ڊالرن ۾ وڪروٿي هن 21 هزار ڊالر ڏيکاريا. هن جي پروموشن به نه ٿي سگهي.آمريڪا ۾ هڪ ريٽائرڊ ڪيپٽن هن جي خلاف شڪايت ڪئي ته هي آرمي چيف ۽ آرمي کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو. تحريڪ انصاف وارن سان ملي ٿو ۽ خبرون ڏئي ٿو. جنهن تي کيس پروموشن نه مليو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 20 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو