عمران کي سزا سان ملڪ ۾ عدم استحڪام نه ايندو: نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني جي سزا سان ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام نه ايندو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪرڻ چاهي ٿو ته سزا خلاف عدالت ۾ اپيل داخل ڪري اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو۔ھن چيو ته عمران خان کي سزا عدالت ٻڌائي آھي ۽ سندس اپيل به عدالت ئي ٻڌي سگھي ٿي ۽ باني پي ٽي آء پاڻ چوندو هيو ته قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، پوءِ ھو ھاڻي سزا خلاف قانوني رستو اختيار ڪري نثار کهڙي چيو ته جڏهن شهيد ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي تاريخ جي درستگي لاءِ قانوني رستو اختيار ڪندي عدالت وئي ۽ عدالت شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي 11 سال لڳايا۔ ھن چيو ته عمران خان کي عدالتن جو احترام ڪرڻو پوندو.ملڪ ۾ عدم استحڪام ناهي پر عمران خان ئي عدم استحڪام پيدا ڪري رهيو آهي. نثار کهڙي چيو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ عمران خان حڪومتن کي ڌمڪيون ڏئي ادارن تي حملا ڪرائي رھيو آھي۔ ھن چيو ته  پي ٽي آء اڳواڻن جي اسٽيبلشمينٽ سان ملاقات سان عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھين جي خواھش پوري ٿي آھي ۽ اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آء کي اھو پيغام ڏنو آھي ته هو سويلين سان ڳالهيون ڪن. ھن چيو ته مديني جي رياست جي دعويدار کي پنهنجي عمل سان ثابت ڪرڻو پوندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.