سعيد ميمڻ صحافين جي تحفظ بابت ڪميشن جو سيڪريٽري مقرر

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سڌ سماءُ واري  کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد ميمڻ کي صحافين جي تحفظ بابت ڪميشن جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ  ميڊيا پريڪٽيشنرز 2021ع دوارن سنڌ اسيمبلي پاران منظور ڪيل قانون تحت قائم ڪيو ويوآھي. هي ادارو ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾پنهنجي قسم جو پهريون ادارو آهي جيڪو صحافين جي تحفظ کي يقيني بڻائيندو.قائم ٿيل ڪميشن بابت اطلاعات کاتي سنڌ پاران باضابطا طور تي  نوٽيفڪيشن جاري ڪري، ان جو سيڪريٽري سعيد ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو. سعيد ميمڻ هڪ چيويننگ اسڪالر آهي ۽ تازو انگلينڊ مان پبلڪ پاليسي ۾ماسٽرز مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ملڪ موٽيوآھي، ان کان اڳ سعيد ميمڻ سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.