ميهڙ(رپورٽ: فراز چنا) ميهڙ ۾ 17 جنوري 2018 تي صبح جي وقت قتل ٿيل ام رباب جي والد ، ڏاڏي ء چاچي اڳوڻي يو سي چيئرمين ڪرم الله چانديو ، تمندار ڪائونسل جي چيئرمين رئيس مختيار چانڊيو ۽ اڳوڻي ضلعي ڪائونسل ميمبر قابل چانڊيو جي قتل واري واقعي کي 7 سال مڪمل ٿي ويا آھن، مقتولن جي ڪيس جو فيصلو اچي نه سگهيو آھي.ِ مقتولن جي اڄ 7 ورسي ملهائي پئي وڃي ورسي جي موقعي تي ورسي کي جاگيرداري نظام کان ڇوٽڪارو جي عنوان هيٺ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ورسي جي موقعي تي گھر ۾ قرآن خواني ڪرائي ويندي بعد ۾ تمندار هائوس اڳيان هڪ جلسو ٿيندو. جلسي کي ام رباب چانڊيو ۽ ٻيا خطاب ڪندا جڏهن ته مقتولن جي وارثن پاران مزارن تي حاضري ڀري ويندي ميهڙ واقعي بعد مقتولن جو قتل ڪيس پ پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ، پ پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو ، مرتضي چانڊيو ، ذوالفقار چانڊيو ، سڪندر چانڊيو ، علي گوهر چانڊيو ، عبدالستار چانڊيو ۽ اڳوڻو ايس ايڇ او فريدآباد ڪريم علي چانڊيو سميت 8 جوابدارن تي داخل آهي جنهن مان 4 جوابدار پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ، ايم پي اي برهان چانڊيو ، ستار چانڊيو ، اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو ضمانت تي آزاد آهن جڏهن ته 4 جوابدار جيل ۾ آهن. قتل ڪيس نوشھرو فيروز ، دادو ، سکر , ميرپور ماٿيلو جي عدالتن ۾ منتقل ٿيندو رھيو آھي جڏهن ته ڪيس بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد، سکر پاران سپريم ڪورٽ ۾ به اپيلون ٿينديون رهيون آهن پر ھن وقت تائين ڪيس جو فيصلو ناھي ٿي سگھيو ڪيس جون هن وقت تائين 360 حاضريون ٿي چڪيون آهن سپريم ڪورٽ پاران تڪڙو ڪيس هلائڻ ۽ 3 مهينن ۾ فيصلو ڏيڻ واري هدايتن تي به عمل ناهي ٿي سگهيو ڪيس جون مقتولن جي وارث ام رباب چانڊيو انصاف لاء عدالتن جا چڪر ڪاٽيندي رھي آھي ام رباب چانڊيو پاران بار بار عدالتن تي يقين جو اعلان ڪندي چوندي رھي آھي ته اسان جي ڪيس جي فيصلي ۾ دير ڪئي پئي وڃي پر انصاف ضرور ملندو ام رباب چانڊيو جي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي جو قتل ڪيس ھن وقت سيشن ڪورٽ دادو ۾ ھلي رھيو آھي جتي قتل ڪيس ۾ ڏيکاريل شاھد ، مشيرن ۽ ٻين جا بيان قلمبند ٿي ويا آھن قانوني ماهرن موجب ڪيس آخري مرحلن ۾ آهي ڪيس ۾ ڏيکاريل ، شاهدن ، مشيرن ، ڊاڪٽرن ، پوليس آفيسرن جون شاهديون وغيره سميت اهم شاهديون هلي چڪيون آهن ام رباب چانڊيو پنهنجي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي جي ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته 17 جنوري مهنهنجي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل وارو ڏينهن آهي جنهن کي اسان سرداري نظام کان ڇوٽڪاري واري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهيون هن ڏينهن کي اسان سرداري نظام کان بغاوت واري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهيون هن ڏينهن تي اسان عوامي اجتماع ڪري رهيا آھيون عوامي اجتماع ۾ اسان اهو پيغام ڏينداسين ته اسان سرداري نظام کان بيزري جو اعلان ڪيون ٿا ۽ اسان سرداري نظام کي جتي جي نوڪ تي رکون ٿا اسان سرداري نظام جو خاتمو ڪري ڏيکارينداسين هن چيو آهي ته 7 سال اڳ منهنجي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هيو 7 سالن بعد مان انصاف جي منتظر آهيان مان سرداري نظام خلاف جيڪو جنگ جو اعلان ڪيو هيو مان ان خلاف رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندس سرداري نظام خلاف جنگ جاري رھندي هن چيو ته مان پاڪستان جي اها نياڻي آهيان جيڪا پنهنجي والد ، ڏاڏي ۽ چاچي جي خون سان انصاف لاءِ دربدر آهيان ۽ 7 سالن کان عدالتن ۾ 350 کان وڌيڪ حاضريون ڪٽي چڪي آهيان ھن چيو ته ھن وقت تائين اها اميد آهي ته مون کي انصاف ملندو ۽ جنهن ظالمن منهنجو گهر اجاڙيو انهن کي ضرور سزا ملندي ۽ منهنجي دل کي سڪون ملندو ھن چيو ته مان سنڌ ۽ ملڪ واسين جي دعائن جي طلبگار آهيان 17 جنوري تي مان پنهجي والد ، ڏاڏي ، چاچي جي قتل کان پوءِ ھن وقت تائين انصاف جي منتظر آهيان اسان کي عدالتن تي يقين آهي عدالتن کي کپي ته هر مظلوم کي فوري انصاف ڏئي جيڪو انهن جو حق آهي هي هڪ جاگيرداري نظام خلاف وڏو سوال آهي ته مان جاگيردارن ۽ سردارن خلاف بيٺي آهيان پر اسان کي هن وقت تائين انصاف ملي ناهي سگهيو اميد ٿي ڪريان ته هي سال منهنجي دردن جي درمان جو سال هوندو ھوڏانھن ام رباب چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ ڏيکاريل جوابدار پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ، ايم پي اي برهان چانڊيو پاران عدالتن ۾ حاضري دوران بار بار داعوہ ڪندا رھيا آھن تہ ام رباب چانڊيو جي وارثن جو پنهنجي ئي عزيزن مرتضي چانڊيو وارن سان پراڻو خوني تڪرار هلندڙ هيو جنهن تان ڌرين ۾ واقعو پيش آيو آھي اسان جو هن واقعي سان تعلق ناهي ، ام رباب چانڊيو اسان جي ساک کي نقصان پهچائڻ ۽ پنهنجو قد وڌائڻ لاءِ اسان جو نالو استعمال ڪري رهي آهي.