ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ ايندڙ ٻه ڏينهن موسم وڌيڪ ٿڌي رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي، جڏهن ته جمعي ۽ ڇنڇر تي تيز هوائون گهلڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ موسم وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ان دوران شهر ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 12 کان 10 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
Prev Post
Next Post
You might also like