گڏيل عرب امارتن هلندڙ مهيني پاڪستان جا ٻه ارب ڊالر رول اوور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن هلندڙ مهيني ٻه ارب ڊالر رول اوور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات فائديمند رهي ۽ سيڙپڪاري بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي، گڏيل عرب امارتن هلندڙ مهيني 2 ارب ڊالر رول اوور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته جيستائين بجلي سستي نه ٿيندي ترقي نه ڪري سگهنداسين، بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ جا ٻه ٽي آپشن آهن، هلندڙ هفتي هڪ ٻي گڏجاڻي ڪري آپشنز کي اڳتي وڌائينداسين، آءِ ايم ايف وٽ به وڃڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ٽيڪسٽائل جي برآمدن ۾ واڌ ٿي آهي، ٽيڪسٽائل روايتي برآمدن جو هڪ وڏو سورس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.