ڪراچي/سکر (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي مالڪيءَ کان وٺي امن جي بحالي تائين مراد علي شاهه حڪومت جي دعوائن ۾ ڪا سچائي ڪونھي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڌاڙيل راڄ ۾ پيپلز پارٽي برابر جي شريڪ آهي. سنڌوءَ تي 6 ڪينال منصوبو سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش آهي، هن وقت ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين سڄي سنڌ بدامني جي باهه ۾ سڙي رھي آهي. جتي ڀنگ لاءِ اغوا هڪ منافع بخش ڪاروبار بڻجي چڪو آهي. حڪومت شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. جماعت اسلامي سنڌ ۾ امن ۽ امان جي خراب صورتحال تي 12 جنوري تي سکر ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪري رھي آهي، جنهن ۾ سڀئي سياسي، مذهبي، ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن، اقليتن، صحافين، وڪيلن جا نمائندا مدعو ڪيا ويندا ۽ سنڌ جي مسئلن تي مؤثر لائحہ عمل جوڙيو ويندو. اھڙن خيالن جو اظهار هن سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو،صوبائي اڳواڻ پروفيسر نظام الدين ميمڻ، علامه حزب اللہ جکرو، امير ضلع زبير حفيظ شيخ، ايڊوڪيٽ سلطان لاشاري، عبدالسمع ڀٽي ۽ عبدالماڪ تنیو به موجود هئا. صوبائي امير جو وڌيڪ چيو ھو ته اتر سنڌ جي 5 ضلعن جي 72 لک آبادي ڌاڙيلن جي رحم ۽ ڪرم تي آهي، شام 5 وڳي کان پوءِ ماڻهو سفر ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا. ماڻهو پنهنجي اباڻن ڪکن کي ڇڏي رهيا آهن، ٻارن جي تعليم ۽ روزگار متاثر ٿي رهيو آهي. هن سوال ڪيو ته سنڌ پوليس جي 155 ارب روپين جي بجيٽ باوجود امن قائم ڇو نه ٿي سگهيو؟ جماعت اسلامي هر محاذ تي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ميدان ۾ آهي، چاھي اهو فاطمه فرڙو جو ڪيس هجي، شهيد صحافي جان محمد مھر نصراللہ گڏاڻي جو مسئلو هجي يا ڪنڌڪوٽ ۾ امن و امان جو معاملو هجي. جماعت اسلامي سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وڏي وزير سميت سنڌ جو عوام سوال ڪن ٿا ته جيڪي ھٿيار پوليس وٽ ناهن، پر ڌاڙيلن وٽ سڀ جديد اسلحو موجود آهي ۽ اهي سرعام قانون جي رٽ کي چيلنج ڪري رهيا آهن، آخر اها سڀ ڪنهن جي ناڪامي آهي؟ سنڌ جو عوام امن لاءِ ترسي رھيو آهي، پر ٻئي پاسي حڪمران سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي جو راڳ ڳائي رهيا آهن. جماعت اسلامي 1991 جي پاڻي جي معاهدي تحت پاليسي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن حڪومت مسئلا حل نٿي ڪري ته لانگ مارچ طرف وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عوامي مسئلن تي فوري ڌيان ڏئي ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن.