نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي وڌو جهٽڪو لڳي ويو، عدالت جنسي هراسگي ڪيس ۾ 5 ملين ڊالر ڏڻ برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
آمريڪي ميڊيا موجب فيڊرل اپيل ڪورٽ ڊونلڊ ٽرمپ خلاف جيوري جي ان فيصلي کي برقرار رکيو، جنهن تحت ٽرمپ کي صحافڻ ۽ ليکڪه کي جنسي طور هراسان ڪرڻ ۽ ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس ۾ 5 ملين ڊالر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.
نيو يارڪ جي جيوري گذريل سال 9 ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ کي 1996 ۾ هيٽن جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ اي جين ڪيرول کي جنسي طور هراسان ڪرڻ تي ڏوهي قرار ڏنو ويو هو.
عدالت صحافڻ کي جنسي طور هرسان ڪرڻ تي 2 ملين ڊالر، جڏهن ته ساک کي نقصان پهچائڻ تي 3 ملين ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ٽرمپ ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي فيصلي خلاف اپيل ڪئي هئي، جنهن کي فيڊرل ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو.
ان کان اڳ به عدالت هڪ ٻئي ڪيس ۾ ٽرمپ کي ڪيرول کي 83 ملين ڊالر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي.
You might also like