ملتان (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي ڪمپوزٽ سرڪل ملتان ڪارروائي ڪندي جعلي دستاويزن تي سرڪاري نوڪري حاصل ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار خاتون جي سڃاڻپ شاهده پيرزاده عرف شيگي طور ٿي، کيس ملتان مان گرفتار ڪيو ويو، هن جعلي دستاويزن جي بنياد تي پاڪستان ٽيلي ويزن ۾ نوڪري حاصل ڪئي هئي.
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار ميڪ اپ آرٽسٽ جي نوڪري لاءِ جعلي دستاويزن جمع ڪرايا، ان جو جمع ڪرايل ميٽرڪ سرٽيفڪيٽ جعلي ثابت ٿيو.
ملتان بورڊ عورت جو سرٽيفڪيٽ جعلي قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ کيس گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like