کير مان ڪمايو: مريم نواز پنجاب جي عورتن لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پنجاب ۾ ٻهراڙي جي عورتن کي پالڻ ۽ روزگار لاءِ ڳئون ۽ مينهون مفت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ عورتن لاءِ باعزت روزگار جا دَر کوليا ويا آهن، 12 ضلعن جي ٻهراڙين ۾ 11 هزار عورتن لاءِ 2 ارب رپين جو رڪارڊ پيڪيج ڏنو ويو آهي.
هن چيو ته ٻهراڙي جي عورتن کي پالڻ ۽ روزگار لاءِ ڳئون ۽ مينهون مفت ۾ ملنديون، ملتان، خانيوال، لوڌران، وهاڙي، بهاولپور، بهاولنگر، رحيم يار خان، ڊيرا غازي خان، ليه، مظفر ڳڙهه ۾ ٻهراڙي جي عورتن کي مفت ڳئون ۽ مينهون ملنديون، جڏهن ته راجن پور ۽ ڪوٽ ادو جي ٻهراڙي جي عورتن کي به مفت ڳئون ۽ مينهون ڏنيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.