ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته آفيسرن کي هدايتون ڏنيون آهن، شهر ۾ اڄ رات تائين روڊ خالي نه ڪيا ويا ته پوءِ قانون موجب روڊ خالي ڪرائينداسين.
گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪراچي پوليس چيف چيو ته ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، ڪوشش آهي ته اڄ رات تائين انهن کي هٽايو وڃي، ڪراچي جي شهرين کي رليف ڏينداسين، ٽن ڏينهن کان اهي گهڻو تنگ ٿيا آهن، جيڪو نه هٽندو، ان کي قانون موجب هٽايو ويندو.
سندس موجب مذهبي جماعت عالمن پڻ چيو آهي ته روڊ بند نه ٿيڻ گهرجن، احتجاج جي نالي تي سڄي شهر جي نظام کي مفلوج ڪرڻ ٺيڪ ناهي، جيڪڏهن ڪنهن روڊ بند ڪرڻ ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان سختي سان منهن ڏينداسين، اهو واضح پيغام ڏئي رهيا آهيون ته اسان کي هدايتون ملي چڪيون آهن، اڄ تائين اسان نرمي سان ڳالهائيندا رهيا آهيون، آفيسرن کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، هاڻ سختي ڪئي ويندي.
هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ توهان ڏسندئو ته علائقن ۾ سٺا ايس ايچ او لڳايا ويندا، اسٽريٽ ڪرائم ۾ 24 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، پنج سئو کان وڌيڪ گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون مالڪن کي واپس ڪيون ويون آهن.
اڄ رات تائين ڌرڻا ختم نه ٿيا ته قانون موجب روڊ خالي ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس چيف
You might also like