2024 ۾ ڪيتري مريضن جو علاج ڪيو ويو؟ اين آءِ سي وي ڊي جي رپورٽ جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دل جي بيمارين واري قومي اداري (اين آءِ سي وي ڊي) پنهنجي سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب سال 2024 ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ڪراچي ۾ 13 لک کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو.

اين آءِ سي وي ڊي دنيا جي سڀ کان وڏي مفت دل جي بيمارين واري اسپتال بڻجي چڪي آهي. هن اسپتال دل جي بائي پاس آپريشنن، پرائمري انجيوپلاسٽيز ۽ ٻيا جديد علاج بنا ڪنهن خرچ جي ڪيا ويندا آهن.

اداري جي جاري ڪيل رپورٽ موجب، 2024 دوران اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ 13 لک کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو. اسپتال ۾ 9,857 پرائمري انجيوپلاسٽيز، 18,000 انجيوگرافيون، 2,020 ٻارن جون ڪيٿٽرازايشنز، ۽ 1,702 وڏن جون اوپن هارٽ سرجريون ڪيون ويون.

هن سال ايڪو ڪارڊيوگرامز جو تعداد 90,000 کان وڌي ويو، جڏهن ته 54,347 مريضن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. سڄي ملڪ مان 160,427 مريضن اين آءِ سي وي ڊي جون خدمتون حاصل ڪيون، جن ۾ پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان، آزاد ڪشمير، ۽ گلگت بلتستان جا ماڻهو شامل آهن.

بلوچستان جي ٻارن لاءِ ڪوئيٽا ۾ شيخ محمد بن زيد النهيان انسٽيٽيوٽ جي سهڪار سان فيبروري 2024 ۾ پيڊياٽرڪ ڪارڊيڪ خدمتن جي شروعات ڪئي وئي، جتي 45 ٻارن جون پيڊياٽرڪ سرجريون، 102 انٽروينشنز، ۽ 4,500 ٻارن جي او پي ڊي خدمتون مهيا ڪيون ويون، جڏهن ته ڏکين ڪيسن کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر طاهر صغير چيو آهي ته اسپتال جو مقصد هر مريض کي جديد ۽ مفت علاج فراهم ڪرڻ آهي، ڀلي اهو ڪنهن به علائقي يا پسمنظر سان تعلق رکندو هجي. هيءَ ڪاميابي سنڌ حڪومت جي مدد ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي، جنهن کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.