نيدرلينڊز جو مسافر جهاز ناروي جي اوسلو ايئرپورٽ تي حادثي جو شڪار ٿي ويو.
ڊچ ميڊيا موجب ايمسٽرڊيم ويندڙ جهاز جو اوسلو مان اڏام ڀرڻ کانپوءِ هائيڊرالڪ سسٽم فيل ٿيو.
هائيڊرالڪ سسٽم ۾ خرابي سبب جهاز هنگامي طور تي لينڊنگ ڪئي پر لينڊنگ دوران جهاز رن وي تان لهي ويو.
ڊچ ميڊيا موجب جهاز ۾ سوار 176 مسافر ۽ عملي جا 6 ميمبر محفوظ رهيا.
ان کان اڳ ايئر ڪينيڊا جي مسافر جهاز ۾ لينڊنگ گيئر ۾ خرابي سبب باهه ڀڙڪي پئي پر خوش قسمتي سان سمورا مسافر محفوظ رهيا.
هڪ ٻئي حادثي ۾ اڄ صبح ڏکڻ ڪوريا ۾ لينڊنگ دوران جهاز خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 179 ڄڻا فوت ٿي ويا.
You might also like