صدر آصف زرداري جي لعل شهباز قلندر جي مزار تي حاضري، ملڪي سلامتي لاءِ دعائون

سيهون (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سيوهڻ پهچي سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر رح جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي.
آصف زرداري لعل شهباز قلندر رح جي مزار تي حاضري ڀري ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري، هن مزار تي قرآن پاڪ جي تلاوت پڻ ڪئي.
ان موقعي تي وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير علي حسن زرداري، رياض حسين شاهه شيرازي، ملڪ اسد سڪندر پڻ ساڻس گڏ هئا.
اوقاف کاتي واري وزير رياض شاهه شيرازي مزار پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو، صدر کي لعل شهباز قلندر رح جي مزار تي جاري ترقياتي منصوبن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي.
آصف زرداري چيو ته لعل شهباز قلندر رح جي مزار پيار، محبت ۽ امن جو درس ڏئي ٿي، هتي حاضري ڏئي دلي سڪون ملندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.