ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اها فوري طور تي تڪراري ڪينال منصوبي تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري.
هڪ بيان ۾ نثار کهڙي چيو ته پ پ وفاقي حڪومت کي سنڌ جي پاڻي، گيس ۽ اين ايف سي جي حصي ۾ ڪنهن به صورت ۾ ڪٽوتي ڪرڻ نه ڏيندي، وفاقي حڪومت مسلسل آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، ان کي آئين جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
هن سنڌ ۾ گيس جي شديد لوڊشيڊنگ ۽ گيس جي گهٽ پريشر کي آئين جي آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ۽ چيو ته وفاقي حڪومت کان مطالبو آهي ته آئين تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جي گيس فراهم ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت اهو لازمي آهي ته جنهن صوبي مان گيس نڪري ٿي، پهريان ان صوبي جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي، سنڌ 65 سيڪڙو گيس پيدا ڪندڙ صوبو آهي پر سنڌ کي پنهنجي حصي جي گيس فراهم نه پئي ڪئي وڃي.
پ پ اڳواڻ چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ نه ڪري، وفاقي حڪومت تڪراري ڪينال منصوبي تان فوري طور هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري، جيڪڏهن واڌو پاڻي موجود ئي ناهي ته نون ڪينالن ۾ پاڻي ڪٿان آندو ويندو؟ سنڌ کي 1991 جي معاهدي تحت پاڻي نه پيو ملي.
وفاق کي سنڌ جي پاڻي، گيس ۽ اين ايف سي مان ڪٽوتي ڪرڻ نه ڏينداسين: نثار کهڙو
You might also like