ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ ستاري سلمان خان اڄ پنهنجي اڻهٺيبن سالگره ملهائي.
ڀارتي ميڊيا موجب هر سال جيان هن سال به سلمان خان جي ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ لاءِ سالگره پارٽي ترتيب ڏني.
سلمان خان جي ڀيڻ ارپيتا جي ڌيءَ به ستاويهه ڊسمبر تي پيدا ٿي هئي ۽ هر سال اهي ٻئي گڏجي سالگره ملهائيندا آهن.
سالگره تقريب ملهائڻ لاءِ سلمان خان ڀيڻ جي گهر رات جي وقت پهتو. تقريب ۾ سلمان خان جي اڳوڻي محبوبا سنگيتا بجلاڻي، سهيل خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل سالگره جي تصويرن ۽ وڊيوز کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي.