بس رڳو ٻه ڊالر ٽِپ، پيزا ڊليوري ورڪر ڳورهاري عورت سان ڇا ڪيو؟ ڄاڻي دنگ رهجي ويندا

فلوريڊا جي اوسيولا ڪائونٽي ۾ هڪ عجيب ۽ خوفناڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ پيزا ڊيلوري ورڪر 2 ڊالر (اٽڪل 556 پاڪستاني رپيا) جي ٽپ تي ناراض ٿي، مبينا طور هڪ ڳورهاري عورت تي چاقو سان حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 22 سالن جي برائنا ايلويـلو سالگرهه ملهائيندڙ ڪٽنب کي پيزا ڊيلور ڪيو هو، ان جي قيمت 33ڊالر (اٽڪل 9,172 پاڪستاني رپيا) هئي، پر گراهڪ پاران ملندڙ ٽپ، جيڪا رڳو 2 ڊالر هئي، ان تي برائنا ناراض ٿي وئي.
جوابدار پهريون واپس موٽي وئي پر 90 منٽن بعد پنهنجي هڪ اڻڄاتل مرد ساٿي سان موٽي آئي. ان وقت هوءَ چاقو سان ليس هئي، جڏهن ته سندس ساٿي وٽ هٿيار موجود هو.
جوابدار متاثر عورت تي 14 ڀيرا چاقو سان وار ڪيا، حملي وقت عورت، سندس بواءِ فرينڊ ۽ 5 ورهين ڌيءَ موٽل جي ڪمري ۾ موجود هئا. پوليس جي اچڻ تي جوابدار ۽ سندس ساٿي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا.
زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران معلوم ٿيو ته هوءَ ڳورهاري آهي. ڊاڪٽرن جي موجب عورت جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي.
پوليس واقعي جي هڪ ڏينهن گذرڻ بعد برائنا ايلويـلو کي گرفتار ڪري ورتو، پر سندس ساٿي اڃا تائين روپوش آهي. جوابدار تي قتل جي ڪوشش، هٿيار رکڻ، چاقوءَ سان حملو ڪرڻ ۽ اغوا جا الزام لڳايا ويا آهن.
پوليس فرار ٿيل ساٿي جي ڳولا ڪري رهي آهي ۽ واقعي جي جاچ هلندڙ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.