سياسي جي موسم ۾ ننڍڙن ٻارن ۽ وڏن ۾ نزلي ۽ زڪام جون شڪايتون عام هونديون آهن، پر ننڍڙن ٻارن ۾ اها شڪايت وڌيڪ پريشانيءَ جو سبب بڻجندي آهي، ڇو ته اهي پنهنجي تڪليف جو اظهار لفظن ۾ نه ڪري سگهندا آهن. خاص طور تي جڏهن ٻار رات جو سمهندا آهن ته انهن کي گهڻي کنگهه ٿيندي آهي، ڇو ته سڄو ڏينهن اهي مختلف چَٽ پٽيون شيون، چپس ۽ گهيچا وغيره کائيندا رهندا آهن.
جيڪڏهن توهان جي گهر ۾ به ڪو ننڍڙو ٻار آهي ۽ ان کي رات جو کنگھه ٿئي ته، ته ڪجهه گهريلو علاج آزمائي سگھجن ٿا، جن تي عمل ڪندي ٻار کي کنگھه ۾ وڏي حد تائين آرام ملي ويندو.
جيڪڏهن توهان جي ٻار کي نزلو ۽ زڪام آهي ته ان کي سمھڻ وقت ان جو منهن ٻُجن واري ڪمبل سان نه ڍڪيو. ڪمبلن جي استعمال ڪيترن ئي ٻارن کي الرجي ٿيندي آهي جن بابت اهي بيان ڪري ناهن سگهندا ڇو ته انهن جي ان جي خبر ئي ناهي پوندي ۽ اهي ويچارا سڄي رات پيا کگهندا آهن، انڪري ڪمبل بدران ٻارن کي ڪپهه ۽ اوني چادر واري سَوَڙ سان ڍڪيو ته بهتر ٿيندو.
جيڪڏهن رات جي وقت ڪنهن وڏي توڙي ٻار کي گهڻي کنگهه هجي ٿئي ته انکي ٿوري مقدار ۾ ماکي چَٽائڻ سان کنگهه ختم ڪري سگهجي ٿي.
ان سان گڏ ڪنهن ننڍي ٿانوَ ۾ سرنهن جي تيل کي گرم ڪري ٻار جي ڇاتيءِ تي ٿوري مالش ڪجي تڏهن به کنگهه ختم ڪري سگهجي ٿي.
ان سان گڏ ڪنهن هڪ چمچو هيڊ، هڪ چمچو جاڻ ۽ ٻه کان ٽي لونگ ڪنهن ٿانوَ ۾ وجهي گرم ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن سوتي ڪپڙي ۾ وجهي ٻار جي ڇاتيءَ تي رکجن تڏهن به کنگهه ختم ٿي ويندي آهي ۽ هر عمر جو ٻار سڪون جي ننڊ ڪري سگهي ٿو.
ٻارن کي کنگهه وڌي وڃڻ تي اڌ چمچو ماکي ۽ ٻه ٽي ڦرا سنڍ جي رَس جا ڏيڻ سان ٻارن جي کنگهه فوري طور تي گهٽائي سگهجي ٿي، ائين ڪرڻ سان ٻارن کي ڳلي جي سُرڪي کان سڪون ملندو ۽ ٻار توڙي ماءُ پيءُ جي رات سڪون جي گذرندي.
جيڪڏهن ٻيو ڪجهه موجود نه هجي ته ٻارن کي گرم پاڻي جي ٿوري ٻاڦ ڏيڻ سان به انهن جي کنگهه ختم ٿي ويندي آهي پر جيڪڏهن اهو ڏکيو لڳي ته رڳو ڪمري ۾ گرم پاڻيءَ جي ٻاڦ ڇڏجي جنهن سان پاڻي جي نمي ۽ بخار ڪمري ۾ ڦهلجن تڏهن به ننڍي ٻارن جي کنگهه ختم ڪري سگهجي ٿي.
جيڪڏهن هڪ ٻه لونگن کي اڌ ڪوپ پاڻي ۾ وجهي ان جو ڪاڙهو ٺاهي هڪ ٻه چمچا ٻار کي پيئارجن تڏهن به انهن جي کنگهه ختم ٿي ويندي آهي.
انکانسواءِ پان جي پَن سرهن جو تيل لڳائي انکي گرم ڪري ٻار جي ڇاتي تي سيڪو ڏجي تڏهن به ان جي کنگهه ختم ٿيندي آهي.
اهي سڀني علاج جا گهريلو طريقا بنا ڪنهن نقصانن وارا ۽ محفوظ آهن، موسمي کنگهه کان بچڻ لاءِ اهي تمام گهڻا فائديمند هجن ٿا، پر جيڪڏهن کنگهه تمام گهڻي ۽ ختم نه ٿيندڙ آهي، جيڪا موسم کانسواءِ محسوس ٿئي ته ان لاءِ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ ضروري آهي.