چيمپيئنز ٽرافي ميچن جون ٽڪيٽون حاصل ڪرڻ جو طريقو ڄاڻيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) چيمپئنز ٽرافي 2025 جي ٽڪيٽن جي وڪرو لاءِ آن لائن رجسٽريشن شروع ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽن موجب، ڪرڪيٽ جا مداح آءِ سي سي جي سوشل ميڊيا چينلز ذريعي ٽورنامينٽ بابت اهم اپ ڊيٽس سميت ٽڪيٽن جي وڪرو بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سائن اپ ڪري سگهن ٿا.
هن لنڪ ذريعي ڪرڪيٽ جا مداح ٽڪيٽن بابت تفصيلن کانسواءِ پنهنجو نالو، اي ميل ايڊريس، رابطو نمبر، ڄم جي تاريخ، رهائشي ملڪ، ۽ پسنديدا ٽيم جا تفصيل لکندا ۽ ٽڪيٽن بابت اپڊيٽس لاءِ رجسٽرڊ ٿي ويندا.
چيمپئنز ٽرافي جو باظابطا شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، ٽورنامينٽ 19 فيبروري کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي، جنهن ۾ 8 ملڪن جي وچ ۾ 15 ميچون کيڏيون وينديون.
پاڪستان جو روايتي مخالف ڀارت سان هاءِ وولٽيج ٽاڪرو 23 فيبروري تي دبئي ۾ ٿيندو.
لاهور ۽ دبئي ۾ 4-4 ميچون کيڏيون وينديون، جڏهن ته نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۽ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ 3-3 ميچون ٿينديون.
گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت، نيوزيلينڊ، ۽ بنگلاديش شامل آهن، گروپ بي ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، افغانستان، ۽ ڏکڻ آفريڪا موجود آهن.
ٽورنامينٽ جو پهريون سيمي فائنل 4 مارچ تي دبئي ۾ ۽ ٻيو سيمي فائنل 5 مارچ تي کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.