ريحام خان جي نئين شادي؟ نئين برائيڊل فوٽو شوٽ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

ريحام خان جي بادشاهي مسجد ۾ ڪرايل نئين برائيڊل فوٽو شوٽ جي تصويرن سندس چوٿين شادي جي افواهن کي جنم ڏئي ڇڏيو.
ريحام خان جي پهرين شادي 1993 ۾ اعجاز الرحمان سان ٿي پر ٻنهي ۾ 2005 ۾ طلاق ٿي وئي.
پوءِ ريحام خان 2014 ۾ عمران خان سان شادي ڪري نئين زندگي جي شروعات ڪئي پر اها شادي 2015 ۾ ئي ختم ٿي وئي.
ريحام خان ٽين شادي ماڊل ۽ اداڪار مرزا بلال سان ڪئي آهي، جنهن سان گڏ هوءَ خوش زندگي گذاري رهي آهي.
ريحام خان ۽ مرزا بلال پنهنجون مختلف وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندا رهندا آهن پر تازو ريحام خان جي وائرل نين تصويرن سوال اٿاري ڇڏيا.
ريحام خان جو فوٽو شوٽ ڏسي ماڻهن سوال اٿاريو ته ڇا هن چوٿين شادي ڪري ڇڏي آهي؟ پر واهپيدارن جي اڪثريت تبصرو ڪندي لکيو ته ريحام خان چوٿين شادي ناهي ڪئي، اهو رڳو ڪنهن ميڪ آپ آرٽسٽ يا ڪلاٿنگ برانڊ لاءِ ڪرايل فوٽو شوٽ آهي، حقيقي شادي ناهي.
هڪ واهپيدار ريحام خان ۽ مرزا بلال جي ٻه هفتا اڳ شيئر ڪيل انسٽاگرام پوسٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته جوڙو مري ۽ لاهور ۾ گهمي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.