پاڪستان جي سڀني اهم شعبن جي برآمد ۾ واڌ رڪارڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سڀني اهم شعبن جي برآمدن ۾ نومبر دوران سالياني بنيادن تي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، گذريل مهيني ٽيڪسٽائل ۽ چمڙي جون برآمدون 10 سيڪڙو، جڏهن ته ايگرو ۽ فوڊ سيڪٽر جون برآمدون 4 سيڪڙو وڌيون.
ذريعن موجب گذريل مهيني ٻين مينوفيڪچرنگ شين جي برآمدن ۾ 3 سيڪڙو واڌ ٿي، نومبر ۾ سالانياني بنيادن تي ميٽلز ۽ جيمز جون برآمدون 19 سيڪڙو وڌيون.
گذريل مهيني منرلز ۽ پيٽروليم جي برآمدن ۾ 10 سيڪڙو جي واڌ ٿي، جڏهن ته نومبر ۾ ڪيميڪل، فرٽيلائزرز ۽ فارماسيوٽيڪل جون برآمدون 13 سيڪڙو وڌيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نومبر ۾ ٽيڪسٽائل ۽ چمڙي جون برآمدون1 ارب 54 ڪروڙ 70 لک ڊالر رهيون، ساڳئي مدت ۾ ايگرو ۽ فوڊ سيڪٽر جون برآمدون 80 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ رهيون.
ذريعن موجب نومبر ۾ ٻين مينوفيڪچرنگ شين جون برآمدون 20 ڪروڙ 13 لک ڊالر رهيون، گذريل مهيني ميٽلز ۽ جيمز جي برآمدن جو ڪاٿو 11 ڪروڙ 51 لک ڊالر رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.