ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو

سکر (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.
سکر ۾ دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت سڀاڻي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي، سينٽرل جيل سکر ۾ قائم خاص عدالت ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.
جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته پوليس، رينجرز، ايف سي ۽ جيل پوليس جي واڌو نفري مقرر ڪئي ويندي.
واضح رهي ته 29 نومبر 2014 ۾ جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي سکر ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.