اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو، نار ملڪ مان اسلام آباد ايندڙ 32 ورهين جي شخص ۾ ايم پاڪس جي تصديق ٿي.
منڪي پاڪس سان متاثر شخص ڪالهه اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو هو، هن سال منڪي پاڪس جو اهو مجموعي طور اٺون ڪيس آهي.
متاثر مريض جو پمز اسپتال ۾ علاج جاري آهي، سندس واسطو خيبر پختونخواهه جي علائقي اپر دير سان آهي.
ڊاڪٽرن موجب مريض جي حالت سڌرندڙ آهي.
Next Post
You might also like