واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ موبائل تي هلندڙ هڪ اشتهار عورت کي هڪ لک ڊالر (ٻه ڪروڙ اٺهتر لک رپيا) کٽرائي ڇڏيا.
ورجينيا جي هڪ همراهه ٻڌايو ته اسٽيٽ سورتي جه هڪ نئين موبائل ايپ جي اشتهار موکي هڪ لک ڊالر جو پاور بال کٽرايو آهي.
پارڪرزبرگ جي رهواسڻ عورت انجيلا وي ٻڌايو ته هوءَ رڳو سورتي ناهي کيڏندي پر نئين آيل سورتي جو اشتهار ڏسي ان به هڪ ڪوشش جو ارادو ڪيو.
انجيلا جو چوڻ هو ته سندس پيءُ سدائين سورتي راند کيڏندو هو پر کيس گيس اسٽيشن وڃي ٽڪيٽون وٺڻ واري ڳالهه نه وڻندي هئي، جڏهن هن اشتهار ڏٺو ته سوچو ڀلا ڇو نه هڪ ڪوشش ڪجي.
هن ڏهه ٽڪيٽون ورتيون جن مان هڪ ٽڪيٽ قرعه اندازي ۾ کيس هڪ لک ڊالر کٽرائي ڇڏيا.