دفاعي تجزئي نگارن جي ٽي وي پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ آءِ ايس پي آر کان اجازت جو نوٽيفڪيشن معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ دفاعي تجزئي نگارن جي ٽي وي پروگرامن ۾ شرڪت آءِ ايس پي آر جي اجازت سان مشروط ڪرڻ جو پيمرا جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
دفاعي تجزئي نگارن جي ٽي وي پروگرامن ۾ شرڪت آءِ ايس پي آر جي اجازت سان مشروط ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن خلاف ٻڌڻي ٿي.
نوٽيفڪيشن موجب رڳو آرمڊ فورسز جا رٽائرڊ آفيسر ئي ٽي وي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا، پيمرا رٽائرڊ آفيسرن جي ٽي وي پروگرامن ۾ شرڪت کي آءِ ايس پي آر جي اجازت سان مشروط ڪيو هو.
اڄ بابر ستار پيمرا جي 2019 جي نوٽيفڪيشن خلاف ڪيس جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پيمرا طرفان وڪيل عدالتي ٻڌڻي ۾ پيش نه ٿيو، مددگار وڪيل سينيئر وڪيل جي طبعيت ٺيڪ نه هجڻ تي التويٰ جي اپيل ڪئي، عدالتي ٻڌڻي ۾ ڏنل دليلن جي بنياد تي پيمرا نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي ٿو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ته پيمرا جو نوٽيفڪيشن ان ڪيس تي فيصلي تائين معطل رهندو.
پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 11 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.