ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ ۾ هر اداڪار پنهنجا جوهر ڏيکاري اول کان اول نمبر اچڻ چاهيندو آهي، ڪيترن ئي اداڪارن سان قسمت ساٿ ڏيندي آهي ته ڪيترائي وري اهڙي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويندا آهن.
ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ سلمان خان رڳو هڪ اداڪار يا اسٽار ئي نه پر باليووڊ برينڊ بڻجي چُڪو آهي، باليووڊ جي هر وڏي ۾ وڏي ڪاميابي توڙي اداڪارن جي سڀ کان وڏي پهچ سلمان خان جي لاءِ تمام ننڍي ۽ معمولي ڳالهه هوندي آهي.
جتي سڀ اداڪار ڪنهن وڏي مقام تي پهچڻ جا خواهشمند هوندا آهن سلمان خان لاءِ اتي پهچڻ ڪا وڏي ڳالهه ته نه هوندي آهي پر هو ڪيترائي ڀيرا وڏن ڪاميابين کي ڪجهه سمجهندو ئي ناهي، بهرحال ٻين ڳالهين کي ڇڏي ڳالهه ڪجي شادي جي ته سلمان خان شادي جي ڊوڙ ۾ شايد سڀني کان پوئتي آهي، جو هڪٻئي پٺيان ڪيترين ئي اداڪارائن جي ساڻس علحدگي نه رڳو انڊيا پر سڄي دنيا ۾ بحث جو موضوع بڻجي ويندي آهي.
تازو ئي ناليواري اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ سلمان خان وچ ۾ لاڳاپن کي ڀارت ۾ انتهائي سنجيدگي سان ڏٺو ويندو هو پر ڪترينا ۽ وڪي ڪوشل جي شادي کانپوءِ ڀارتي ميڊيا ۾ خبرون وائرل ٿيون ته وڪي ڪوشل سلمان خان کان کٽي ويو، اهي خبرون ته هن وقت تائين هلنديون رهن ٿيون پر وڪي ڪوشل ۽ سلمان خان لاءِ ٻيو موضوع به مقابلي واري صورت اختياري ڪري ويو آهي ۽ ڀارتي ميڊيا انکي به سلمان خان ۽ وڪي ڪوشل مان کٽيندڙ جي نالي جو انتظار ڪري رهيا آهن.
ائين آهي ته ناليواري هدايتڪار ڪبير خان ٻيهر ڪمرشل سينيما ۾ قدم رکي رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪبير خان ڪرن جوهر جي ڌرما پراڊڪشن سان هڪ زبردست ايڪشن ۽ ٿرلر فلم تي ڪم شروع ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪبير خان هڪ بلاڪ بسٽر فلم ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان فلم لاءِ هو سلمان خان يا وڪي ڪوشل کي ليڊ رول ۾ چونڊڻ جو سوچي ٿو.
ڪبير خان کي هڪ ميچوئر اداڪار جي ضرورت آهي جنهن لاءِ سلمان خان ۽ وڪي ڪوشل ٻنهي سان ڳالهيون هلن ٿيون ته جيئن تاريخون حتمي ڏئي سگهجن، ٻئي اداڪار اسڪرپٽ جي آخري ڊرافٽ جو انتظار ڪري رهيا آهن.
فلم ٻه هزار پنجويهه جي آخر ۾ ظاهر ٿيڻ جا امڪان آهن ۽ ٻنهي مان ڪنهن هڪ اداڪار کي ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويندو.
ڪترينا سان شادي وارو مقابلو ته سلمان خان وڪي ڪوشل کان هارائي ويو هاڻي ڏسجي ته ان ٻئي مقابلي ۾ ڪير ٿو کٽي ۽ نئين ايندڙ فلم ۾ هيرو ڪير هوندو؟