پاڪستان ۾ انٽرنيٽ واهپيدارن لاءِ خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزا فاطمه انٽرنيٽ جي رفتار جي حوالي سان واهپيدارن کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
صحافين سان ڳالهائيندي شزا فاطمه چيو ته پاڪستان ڊجيٽلائزيشن ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ حڪومت ان حوالي سان قانون سازي تي ڪم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته چيلينجن باوجود ملڪ ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي ڏني پئي وڃي، حڪومت معيشٽ کي ڊجيٽلائز ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ٽيڪنالاجي ۾ شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ واڌ جو امڪان آهي.
مملڪتي وزير خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته فور جي کي بهتر ڪري فائيو جي ٽيڪنالاجي ڏانهن وڌي رهيا آهيون، انٽرنيٽ جي رفتار بهتر بڻائڻ لاءِ اپريل ۾ اسپيڪٽرم لانچ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.