لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 14 ورهين جو نينگر قتل ٿي ويو.
شھر جي سول لائين ٿاڻي جي حد ليڊيز جيل روڊ تي ڳوٺ ٻيلو مغيري جو رهواسي 14 ورهين جو اسد الله مغيري فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو.
مقتول نينگر جي امڙ لال خاتون مغيري الزام هڻندي چيو ته اسان دوا وٺڻ لاءِ لاڙڪاڻي آيا هئاسين ته ڳوٺ در محمد مغيري واسي جوابدارن علي بخش مغيري، سڪندر علي ۽ علي شير مغيري منھنجي پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.
هن چيو ته جوابدارن جو اسان جي ذات وارن سان پراڻو تڪرار هلندڙ هو پر اسان جو تڪرار س ڪو واسطو ناهي، منهنجي پٽ کي بي ڏوهه قتل ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي.
Next Post
You might also like