ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي هڪ ڀيرو ٻيهر آف اسٽمپ کان ٻاهر ويندڙ بال تي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ تنقيد جي ور چڙهي ويو.
ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ بارڊرگواسڪر سيريز جاري آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽين ٽيسٽ ميچ گابا ۾ کيڏي پئي وڃي.
آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 445 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ٽئين ڏينهن ڀارتي ٽاپ آرڊر وري فلاپ ٿي ويو ۽ 51 رنسن تي ڀارت 4 وڪيٽن کان محروم ٿي ويو.
ڪينگروز خلاف ڀارتي ٽاپ آرڊر مسلسل ڏکيائين جو شڪار آهي، اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي به سيريز ۾ هڪ سنچري کان سواءِ ڪا وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
سومر ڏينهن گابا ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ويرات ڪوهلي هڪ ڀيرو ٻيهر آف اسٽمپ کان ٻاهر ويندڙ بال تي ڪور ڊرائيور جي ڪوشش ۾ وڪيٽن پويان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، هن رڳو 3 رنسون ٺاهيون.
هر هر آف اسٽمپ کان ٻاهر ويندڙ بال تي آئوٽ ٿيڻ سبب اڳوڻا ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي تي نه رڳو تنقيد ڪري رهيا آهن پر کيس مشورا پڻ ڏئي رهيا آهن.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ديپ داس گپتا چيو ته ڪوهلي جو مسئلو ٽيڪنيڪي پر ذهني آهي، ڪڏهن ڪڏهن بيٽرن کي پنهنجي حدن ۾ رهي کيڏڻ گهرجي، ويرات ڪوهلي کي پاڻ کي ثابت ڪرڻ جي ضرورت ناهي پر اننگز جي شروعات ۾ کيس پنهنجي پسنديده شاٽ ڪور ڊرائيو کيڏڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ويرات! اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته توهان ڇا ڪرڻ جي قابل آهيو، توهان گذريل 10-15 سالن ۾ پاڻ کي بهترين ثابت ڪيو آهي، هاڻي ڪجهه وڌيڪ ثابت ڪرڻ جي ضرورت ناهي پر ڪڏهن ڪڏهن توهان کي پنهنجي حد ۾ رهي کيڏڻ گهرجي.
ان کانسواءِ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر پڻ ويرات ڪوهلي تي تنقيد ڪندي کيس مشورو ڏنو ته اهو جنهن بال تي آئوٽ ٿيو، اهو گهڻو ٻاهر هو، اهڙي بال کي کيڏڻ بدران ڇڏڻ بهتر آهي، جيڪڏهن ويرات ٿورو صبر سان کيڏي ها ته اڄ آئوٽ نه ٿئي ها.
هن چيو ته جيستائين ويرات ڪريز تي سيٽ نه ٿي وڃي تيستائين، ٻاهرئين بال کي هروڀرو کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪري، ڪوهلي کي اڳوڻي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر مان سکڻ گهرجي، جيڪو ٻاهرئين بالن تي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ سيٽ ٿي وڏو اسڪور ڪيو.
Prev Post
Next Post
You might also like