سون وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڌيڪ لاٿ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 800 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 77 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 687 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 37 هزار 482 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 8 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2 هزار 658 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.