اڳوڻي برطانوي ڪرڪيٽر ايسا گوها ڪمينٽري دوران غلط لفظ جي چونڊ تي ڀارتي ڪرڪيٽر جسپريت بمرا کان آن لائن معذرت ڪري ڇڏي.
اڳوڻي برطانوي ڪرڪيٽر ۽ ڪمينٽريٽر ايسا گوها گذريل ڏينهن ڪمينٽري دوران بمرا جي تعريف ڪندي کيس ”موسٽ ويليو ايبل پرائميٽ“ چيو هو.
بمرا لاءِ ”پرائميٽ“ جو لفظ نامناسب ۽ تعصبي قرار ڏنو ويو هو ۽ ڀارتي شوقينن طرفان سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي آواز اٿاريو ويو هو.
پوءِ عورت ڪمنيٽريٽر چيو ته بمرا جي تعريف ڪندي مون کان غلط لفظ جي چونڊ ٿي وئي ۽ مان پنهنجي غلطي تي معذرت ڪيان ٿي.
You might also like