برسبين (ويب ڊيسڪ) برسبين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ آسٽريلوي ٽيم 445 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين ڀارت 54 رنسن تي 4 وڪيٽن کان محروم ٿي ويو.
برسبين ۾ جاري ٽين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين ڀارت آسٽريليا خلاف پهرين اننگز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 51 رنسون ٺاهي ورتيون، ان کي آسٽريليا جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 394 رنسون گهربل آهن.
يشوي جيسوال 4، شبمن گل هڪ، ويرات ڪوهلي 3 ۽ رشڀ پنت 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڪي ايل راهول 33 ۽ ڪپتان روهت شرما کاتو کولڻ بنا ڪريز تي موجود آهن.
آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 2، جوش هيزل ووڊ ۽ پيٽ ڪمنز هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگز ۾ 445 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي، ٽريوس هيڊ 152، اسٽيو سمٿ 101 ۽ ايليڪس ڪيري 70 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن ۾ 5 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي.
برسبين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ آسٽريليا 445 تي آئوٽ، ڀارت 54 تي 4 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون
You might also like