ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني کاتن واري وزير سنڌ سعيد غني چيو آهي ته سڀني مسئلن جي پاڙ پي ٽي آءِ باني آهي، هو نٿو چاهي ته ڳالهيون ٿين.
سعيد غني پنهنجي بيان ۾ چيو ته پ پ تي جيترا ظلم ٿيا آهن، اوترا ڪنهن ٻي جماعت تي ناهن ٿيا پر اسان ڪڏهن به اهڙو ڪم ناهي ڪيو، جنهن سان ملڪي معيشت يا جمهوريت کي نقصان ٿئي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ اهو ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو ملڪ دشمن ڪرڻ چاهين ٿا، علي امين گنڊاپور سدائين ڏڦيڙ پکيڙيو آهي، هو حڪومتي وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي همدردن کي ان جي رويي تي غور ڪرڻ گهرجي، پرامن احتجاج ڪيو وڃي پر داداگيري جي ڪنهن کي به اجازت نه ملندي.
You might also like