اسڪول ويندڙ استاد کي اغوا ڪري زبردستي شادي ڪرائي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ انوکو واقعو پيش آيو، جتي اسڪول ٽيچر کي هڪ ڇوڪريءَ جي خاندان وارن اغوا ڪري ان جي زبردستي شادي ڪرائي ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو انوکو واقعو بهار رياست جي بيگوسرائي ضلعي ۾ پيش آيو، اوينش ڪمار، جنهن پبلڪ سروس ڪميشن (بي پي ايس سي) جو امتحان پاس ڪري سرڪاري اسڪول ۾ استاد جي نوڪري حاصل ڪئي هئي، کي جمعي ڏينهن اسڪول وڃڻ دوران اغوا ڪيو ويو.
رپورٽن موجب ٻن گاڏين ۾ سوار ماڻهو هٿيارن جي زور تي رڪشو روڪي اوينش کي اغوا ڪري کڻي ويا، کيس مارڪٽ ڪئي وئي ۽ مبينا طور تي هڪ ڇوڪري سان زبردستي شادي ڪرائي وئي، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته هوءَ گذريل چئن سالن کان اوينش سان لاڳاپن ۾ هئي.
رپورٽ موجب اوينش کي گنجن نالي ڇوڪري ۽ ان جي خاندان طرفان اغوا ڪيو ويو، گنجن جي دعويٰ هئي ته هو ۽ اوينش چار سال کان هڪ ٻئي سان لاڳاپن ۾ هئا ۽ هڪ ٻئي سان ملندا به هئا.
گنجن الزام هنيو ته اوينش شادي جو واعدو ڪيو هو پر تازو سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ کان پوءِ واعدي تان ڦري ويو.
واقعي کان ٽي ڏينهن اڳ گنجن جي گهر ڀاتين مبينا طور تي ٻنهي کي گڏ ڏٺو هو ۽ ان وقت اوينش کي اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو.
رپورٽ موجب اغوا کان پوءِ اوينش کي هڪ مندر ۾ وٺي وڃي زبردستي شادي جي رسم ادا ڪئي وئي.
واقعي جي وڊيو پڻ وائرل ٿي، جنهن ۾ اوينش کي ڪيترن ئي ماڻهن طرفان پڪڙيل ڏٺو ويو، جڏهن ته گنجن کي عروسي لباس ۾ ڏٺو ويو.
شادي کان پوءِ گنجن اوينش جي گهر پهتي ته ان جي خاندان کيس قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن سبب اتي ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ اوينش مبينا طور تي فرار ٿي ويو.
گنجن پوليس ۾ شڪايت داخل ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته اوينش انهن سڀني الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اوينش جو چوڻ آهي ته منهنجو ان ڇوڪري سان ڪو به واسطو نه هو، هن منهنجو پيڇو ڪري هراسان ڪيو، مون کي ڪجهه ماڻهن اغوا ڪيو، ماريو ڪُٽيو ، ۽ زبردستي شادي جون رسمون ادا ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
ٻئي طرف پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.