جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي جارحاڻي اوپنر صائم ايوب ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سينچري مڪمل نه ٿيڻ تي ردعمل ڏئي ڇڏيو.
ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ صائم ايوب شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 57 بالن تي 98 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جنهن ۾ 11 چوڪا ۽ 5 ڇڪا شامل هئا پر آخري اوورن ۾ اسٽريڪ نه ملڻ سبب هو سينچري مڪمل نه ڪري سگهيو، جنهن تي سندس مداح مايوس نظر آيا.
ان معاملي تي ڳالهائيندي صائم ايوب چيو ته سينچري قسمت ۾ هجي ها ته ٺهي وڃي ها پر جيڪڏهن ٽيم نه کٽي ته سينچري جو ڪو فائدو ناهي، سينچري لاءِ اڳتي به موقعو ملي ويندو.
Next Post
You might also like