بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شڪيب الحسن کي بالنگ ايڪشن شڪي ٿيڻ تي بالنگ کان روڪيو ويو.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب شڪيب جو بالنگ ايڪشن ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ رپورٽ ڪيو ويو، جتي هن سري جي نمائندگي ڪئي هئي.
ايڪشن رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ شڪيب الحسن کي انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي مقابلن ۾ بالنگ کان روڪيو ويو آهي، هو پنهنجو ايڪشن ڪليئر ڪرائڻ تائين بالنگ نه ڪرائي سگهندو، کيس پنهنجي بالنگ ايڪشن جو آزاداڻو معائنو ڪرائڻو پوندو.
You might also like