ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورلڊ بئنڪ ڪراچي ۾ پاڻي ۽ سيوريج سروسز ۾ بهتري لاءِ 24 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي..
پڌرائيءَ موجب ان پروجيڪٽ سان ڪراچي ۾ واٽر ٽريٽمينٽ، پاڻي جي ورڇ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي مقدار کي وڌايو ويندو، رقم جي منظوري سيڪنڊ فيز ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پراجيڪٽ تحت ڏني وئي آهي.
واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پراجيڪٽ سان مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 60 لک ماڻهن کي فائدو ٿيندو، منصوبي تحت ڪراچي ۾ ڪچي آبادي جا تقريبن 5 لک ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا.
You might also like