اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت نيشنل فرانزڪ ايجنسي جي قيام جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
سينيٽ نيشنل فرانزڪ ايجنسي جي قيام لاءِ بل منظور ڪري ڇڏيو، جنهن موجب ريسرچ، فرانزڪ ۽ ڊجيٽل فرانزڪ جا شعبا قائم ڪيا ويندا، ڊجيٽل فرانزڪ جو شعبو قومي سيڪيورٽي جي معاملن ۾ مدد ڪندو.
بل موجب نيشنل فرانزڪ ايجنسي وفاق، صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت سڀني فرانزڪ ايجنسين کي سروسز فراهم ڪندي، ايجنسي ليب ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پڻ سروسز فراهم ڪندي، ايجنسي ڊجيٽل فرانزڪ مواد کي محفوظ رکندي ۽ ماهر طور عدالت ۾ به پيش ٿيندي.
بل موجب نيشنل فرانزڪ ايجنسي جو ڊي جي ٻٽي شهريت رکندڙ نه هوندو، ايجنسي جي بورڊ آف گورنرز جو چيئر پرسن ڊويزن جو سيڪريٽري هوندو، بورڊ ۾ آءِ جي اسلام آباد، نيڪٽا جو نيشل ڪوآرڊينيٽر ۽ نيشل پوليس بيورو جو ڊي جي شامل هوندو.
You might also like