اسد قيصر حڪومت سان شروعاتي ڳالهين جي خبرن کي به رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر اسد قيصر حڪومت سان شروعاتي ڳالهين جي اطلاعن کي به رد ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي ۾ اعتراضن تي نڪتي تي ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ۾ ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿيون، اياز صادق وٽ فاتحه خواني لاءِ ويو هئس.
هن چيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ ڪميٽي ضروري ٺاهي آهي پر ڳالهه تڏهن ئي شروع ٿي سگهي ٿي، جڏهن حڪومت سنجيدگي ڏيکاري، ان ۾ اڳڀرائي باني پي ٽي آءِ جي هدايتن موجب ئي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت کي هن سوال جو جواب ڏيڻ کپي ته 26 نومبر تي گولي ڇو هلائي وئي؟ ڪهڙي قانون تحت بي ڏوهه شهرين تي گوليون هلايون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.